سنڌ ٿيئٽرس حيدرآباد

سنڌ ٿيئٽرس حيدرآباد: هي منڊلي، 1963ع ۾ سنڌ ٿيئٽرس جي نالي سان برپا ڪئي وئي. هن ٿيئٽرس پاران پهريون ڊرامو ’گونگي زال‘ پيش ڪيو ويو، جنهن جو ليکڪ الهه بچايو لغاري هو. ٻيو ڊراموانڪوائري آفيسرپيش ڪيو ويو، جنهن جو ليکڪ مرزا قليچ بيگ هو. ان کانسواءِ آغا سليم جا ٽي مشهور ناٽڪ: دولهه دريا خان، دودو چنيسر، تماشو ۽ غالب لطيف جي مشهور ناٽڪ ’چورن مٿان مور‘ سميت ٻيا ڪيترائي ناٽڪ هن منڊليءَ پاران پيش ڪيا ويا.
سنڌ ٿيئٽرس جي هدايتڪارن ۾ آغا سليم، مصطفيٰ قريشي ۽ غالب لطيف، اداڪارن ۾ سيما، روبينا قريشي، غزالا خورشيد، انوري بيگم، مصطفيٰ قريشي، الهه بچايو لغاري، عبدالڪريم بلوچ، غلام حيدر صديقي، عبدالحق ابڙو، انور بلوچ، قاسم فاني، منظور قريشي، انور سولنگي ۽ سڪندر بلوچ شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو